بلوچستان حڪومت ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا، اسپيڪر جي وڏي وزير خلاف تحريڪ استحقاق

news

ڪوئيٽا: بلوچستان ۾ حڪمران جماعت ۾ اختلاف کلي سامهون اچي ويا آهن. بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر عبدالقدوس بزنجو وڏي وزير ڄام ڪمال جي خلاف تحريڪ استحقاق جمع ڪرائي ڇڏي.
بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر عبدالقدوس بزنجو تحريڪ استحقاق ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته بلوچستان جي وڏو وزير اڄ مقامي اخبار ۾ منهنجي خلاف بيان ڏنو آهي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته آئون جذباتي شخص آهيان ۽ جذبات ۾ اچي ڳالهيون ڪري ويندو آهيان.
هن چيو ته اسپيڪر جي حيثيت سان مون کي اظهار راءِ جي مڪمل آزادي حاصل آهي، جڏهن ته منهنجي خلاف بيان ۾ غير مهذب ۽ غير پارلياماني ٻولي استعمال ڪئي وئي آهي.
عبدالقدوس بزنجو مطالبو ڪيو ته تحريڪ استحقاق کي لاڳاپيل ڪميٽي جي حوالي ڪيو وڃي، ڇو ته وڏي وزير جي ان بيان سان نه صرف منهنجو پر سڄي ايوان جو استحقاق مجروح ٿيو آهي.