چيئرمين پاڪستان ريلوي پاران پنوعاقل ريلوي اسٽيشن جو دورو، ٻہ ريلوي عملدار معطل

news

پنوعاقل: پاڪستان ريلوي جي چيئرمين حبيب الرحمان گيلاني ريلوي اسٽيشن پنوعاقل پهچي مختلف انتظامي معاملن جو جائزو ورتو ان موقعي تي ريلوي لائن جي پٽڙين ۾ فني خرابي هجڻ سبب ٻن عملدارن کي معطل ڪري ڇڏيو  ريلوي اسٽيشن تي شھرين جو هڪ وڏو انگ پڻ موجود ھو جن ريلوي چيئرمين جي اڳيان شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا.

شھرين جو چوڻ ھو ته پنج لک آبادي واري هن شھر جي اسٽيشن تي صرف چئن گاڏين جو اسٽاپ آھي جڏهن ته انهن جي سيٽ ڪوٽا به انتهائي محدود آھي هنن چيئرمين ريلوي  کان گهر ڪئي ته ڪجھ ايڪسپريس گاڏين جا اسٽاپ مقرر ڪيا وڃن ته جيئن پنوعاقل جي شھرين کي به ريلوي جي آرام ده سفر جي سهولت ميسر ٿي سگهي شھرين پيئڻ جي پاڻي جي اڻاٺ ۽ واش روم جي سهولت نه هجڻ بابت به چيئرمين اڳيان دانهيو .

جڏهن ته مسافرن جي لاء ڪنهن به قسم جي انتظارگاه نه هجڻ جي به شڪايت ڪئي وئي ان موقعي تي ريلوي چيئرمين عوامي شڪايتن جي موٽ ۾ فوري طور تي پيئڻ جي صاف پاڻي سميت ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي اعلان ڪيو ته ايندڙ ٻن کان ٽن هفتن جي اندر پنوعاقل ريلوي اسٽيشن تي ڪجھ ايڪسپريس ريل گاڏين جا اسٽاپ مقرر ڪري ڪمپيوٽرائزڊ آن لائن بڪنگ سسٽم جو پڻ آغاز ڪيو ويندو چيئرمين سان گڏ ڊي ايس سکر ۽ ريلوي جا ٻيا اعليٰ عملدار  پڻ گڏ هئا.