ترڪي ۾ ڇهه پوائنٽ نو جي شدت جو زلزلو، عمارتون ڊهي پيون، اوڻيهه ماڻهو فوت

news

استنبول: ترڪي جي مختلف علائقن ۾ 6.9 شدت جو زلزلو، نتيجي ۾ 19 ماڻهو فوت. ترڪي ميڊيا موجب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 6.9 جي شدت جي زلزلي سبب ڪيتريون ئي جڳهه ڊهي پٽ ٿي ويون.

ترڪي جي صوبائي گورنز جو چوڻ آهي ته صوبي الازگ ۾ زلزلي سبب 15 ماڻهو فوت جڏهن ته 750 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. ملاتيا صوبي ۾ به زلزلي سبب 4 ماڻهو فوت ٿي ويا جڏهن ته زلزلي سٽيل علائقن ۾ سخت سيءُ هجڻ جي ڪري بسترا، خيما ۽ ڪمبل موڪليا ويا آهن انهن علائقن ۾ امدادي ڪاررايون ڪيون پيون وڃن.

ٻئي پاسي عراق، شام، لبنان ۽ لبيا ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن.

زويراعظم عمران خان ترڪي ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ جاني و مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته انهي مشڪل گهڙي ۾ پاڪستاني عوام ترڪ قيادت ۽ ترڪي جي اعوام سان گڏ آهي.