فارن فنڊنگ ڪيس، وزيراعظم پاران هاءِ ڪورٽ فيصلي خلاف درخواست داخل

news

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان فارن فنڊنگ ڪيس جي درخواستگذار اڪبر ايس بابر جي رڪنيت متعلق هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.
وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ جي چيئرمين جي حيثيت سان سپريم ڪوٽ ۾ اڪبر ايس بابر جي پارٽي رڪنيت جي حوالي سان فيصلي جي خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.
وزيراعظم جي طرفان داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته حنيف عباسي بنام عمران خان ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ قاعده طئه ڪري ڇڏيا هئا، قانون جي نظر ۾ اليڪشن ڪميشن ڪا عدالت يا ٽربيونل ناهي. اڪبر ايس بابر جو 2011ع کان تحريڪ انصاف سان ڪو تعلق ناهي، ان کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا، ان کي پي ٽي آءِ مان ڪڍيو ويو، اڪبر بابر پي ٽي آءِ ڇڏڻ جي اي ميل ڪئي، جيڪا رڪارڊ تي موجود آهي، اليڪشن ڪميشن ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ اڪبر ايس بابر جون درخواستون بدنيتي تي ٻڌل آهن.
عمران خان جي طرفان درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اڪبر ايس بابر پي ٽي آءِ جي فنڊنگ جي ڪيس ۾ متاثر ٿيندڙ ڌر ناهي. ان لاءِ اليڪشن ڪميشن جو ڪيس ٻڌڻ جو اختيار ناهي، پي ٽي آءِ فارن فندنگ ڪيس انڪوائري ڪميٽي وٽ ٻڌڻي هيٺ آهي، هاءِ ڪورٽ آرٽيڪل 199 جو اختيار استعمال ڪندي تڪراري حقيقتن تي فيصلو نٿي ڏئي سگهي.