سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز سڀاڻي صبح ٻارهن ڪلاڪن لاءِ کوليا ويندا

news

ڪراچي: سڄي سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز چار ڏينهن بند رهڻ کانپوءِ آچر جي صبح 8 وڳي کان 12 ڪلاڪن جي لاءِ کوليا ويندا.
ايس ايس جي سي موجب سڄي سنڌ جي سي اين جي اسٽيشنز آچر جي صبح 8 وڳي کان رات 8 وڳي تائين کليل رهندا، ڪمپني کي مختلف گيس فيلڊز مان ملندڙ گئس جو مقدار گهٽ آهي، جنهن سبب لائين پيڪ متاثر آهي.
ترجمان موجب گئس جو پريشر گهٽ هئڻ سبب گهريلو واهپيدارن کي گئس فراهم ڪرڻ ۾ سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. سي اين جي سيڪٽر جي لاءِ ايندڙ شيڊول گئس جي پريشر جي صورتحال کي مدنظر رکندي جاري ڪيو ويندو.