سنڌ ۽ خيبرپختونخوا ۾ پوليو جا وڌيڪ چار ڪيس سامهون اچي ويا

news

ڪراچي: سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران پوليو جا ٽي وڌيڪ ڪيس سامهون آيا آهن. ترجمان ايمرجنسي آپريشن سيل موجب 2 ڪيس 2019ع ۽ هڪ 2020ع جو آهي.
ترجمان ايمرجنسي آپريشن سيل موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سنڌ جي 3 ضلعن ۾ پوليو جا ٽي ڪيس سامهون آيا آهن.
متاثر ٿيندڙ ٻارن جو تعلق سجاول، قمبر ۽ دادو سان آهي، جن ۾ 2 ٻارن جا 2019ع، جڏهن ته هڪ جو هلندڙ مهيني ٽيسٽ ڪيو ويو، جن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي.
ٽي نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ سنڌ ۾ 2019ع ۾ پوليو کان متاثر ٿيندڙ ٻارن جي تعداد 27 ٿي وئي آهي، جڏهن ته 2020ع ۾ پوليو کان متاثر ٿيندڙ ٻارن جي تعداد 4 ٿي وئي آهي.
والدين جو چوڻ آهي ته ٻارن کي 7، 7 ڀيرا پوليو کان بچاءُ وارا ڦڙا پياريا ويا هئا.
هوڏانهن خيبرپختونخوا ۾ به پوليو جو هڪ ٻيو ڪيس سامهون آيو آهي، جنهن بعد هلندڙ سال صوبي ۾ پوليو ڪيسز جي تعداد 2 ٿي وئي آهي.
صحت کاتي جي اختيارين موجب خيبرپختونخوا جي ضلعي لڪي مروت ۾ 8 مهينن جي ٻارن ۾ پوليو جي وائرس جي تصديق ٿي آهي.
اختيارين موجب ٻار کي حفاظتي ٽڪا ڪونه لڳايا ويا هئا. سڄي صوبي ۾ هلندڙ سال پوليو ڪيسز جي تعداد 2 ٿي وئي آهي.
صوبي جي 15 ضلعن ۾ ٽن ڏينهن واري پوليو کان بچاءُ واري مهم 27 جنوري کان شروع ٿي رهي آهي.