روهڙي کان ڪراچي ويندڙ بزنس ايڪسپريس جون بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، مسافر محفوظ

news

خيرپور:(رپورٽ: محسن ڀٽي) روھڙي کان ڪراچي ويندڙ گرين لائين بزنس ايڪسپريس ٽرين جي انجڻ مسافر گاڏن کان الڳ ٿي ڪيترن ئي ڪلوميٽرن تائين ھلي وئي جنهن سبب ڪيترائي فٽ پٽڙي آکڙي وئي جڏهن ته  ٽرين ۾ موجود مسافر محفوظ رھيا ڪجھ مسافر معاملي زخمي ٿي پيا آهن.

پٽڙي اکڙڻ سبب ٽرينن کي مختلف اسٽيشنن تي روڪيو ويو آهي جڏهن ته پٽڙي جو مرمتي ڪم جاري روھڙي کان ھيوي مشنري ذريعي ڪم ڪيو پيو وڃي. 

رپورٽ موجب پنجاب کان ڪراچي ويندڙ بزنس ايڪسپريس ٽرين جي بوگي پٽڙي تان لهي وئي. جنهن سبب ڊائون ٽريڪ پڻ سخت متاثر ٿيو آهي.

اطلاع تي سيڪيورٽي ادارن جا اهلڪار ۽ ريلوي عملو موقعي تي پهچي ويو آهي. ان حوالي سان ريلوي انتظاميه جو چوڻ آهي ته ٽريڪ متاثر ٿيڻ ڪري مختلف ٽرينن کي مختلف اسٽيشنن تي روڪيو ويو آهي،

ڪو وڏو جاني نقصان نه ٿيو آهي ڪجهه مسافرن کي معمولي زخم رسيا آهن. ريلوي ٽريڪ جي بحالي لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي.