ڪي پي ڪي ڪابينه مان شهرام ترڪئي ۽ عاطف خان سميت ٽي وزير گهر ڀيڙا

news

پشاور: (ٓآچر 26 جنوري 2020ع)   شهرام ترڪئي ۽ عاطف خان سميت ٽن صوبائي وزيرن کي خيبرپختونخواهه ڪابينه مان فارغ ڪيو ويو آهي.

گورنر خيبرپختونخواهه شاهه فرمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب سينئر صوبائي وزير عاطف خان، شهرام ترڪئي ۽ شڪيل احمد کي ڊي نوٽيفاءِ  ڪرڻ جو ٻڌايو ويو.

خيبرپختونخواهه ڪابينه مان فارغ ٿيندڙ ميمبرن ۾ صحت جو صوبائي وزير شهرام ترڪئي، راندين جو سينئر وزير ثقافت ۽ سياحت عاطف خان ۽ روينيو جو وزير شڪيل احمد شامل آهي. ان حوالي سان خيبرپختونخواهه جي سُڌ سماءُ جي وزير يوسفزئي ٻڌايو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايتن تي ٽنهي وزيرن کي خيبرپختونخواهه ڪابينه مان ڪڍيو ويو آهي.

شوڪت يوسفزئي جو چوڻ هو ته جن وزيرن کي ڪڍيو ويو آهي ان مان هڪ وزير وڏي وزير جو به اميدوار هو. هن چيو ته گروپ بندي سبب پارٽي خاموش رهندي آهي ته مسئلا پيدا ٿيندا آهن. وزيراعليٰ کان پوءِ سڀني کان اهم وزارت جنهن شخص کي ملي اهو مسئلا پيدا ڪندو رهيو.