مبارڪپور ڀرسان ڏهه سالا نينگر مرگهي جو دورو پوڻ سبب مڇي جي تلاءُ ۾ ڪري فوت

news

مبارڪپور: مبارڪپور ڀرسان 10 سالا معصوم نينگر مرگهي جو دورو پوڻ سبب مڇي جي تلاءۡ ۾ ٻڏي فوت لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو امڙ کي بيهوشي جا دور پوڻ لڳا.

تفصيل موجب:مبارڪپور ڀرسان ڳوٺ دوست ۾ بروهي ۾ 10 سالا نينگر ثناءالله پٽ آدم بروهي راند ڪندي اچانڪ مرگهي جو دورو پوڻ سبب مڇي جي تلاءۡ ۾ ٻڏي ويو.

ڳولھ بعد نينگر جو لاش هٿ ڪيو ويو لاش گهر پھچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي امڙ جيجل کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

معصوم نينگر جي مڙھ کي سوين آلين اکين سان مٽي ماءۡ حوالي ڪيو ويو.