بدين ۾ بزم روح رهاڻ جي سرواڻ حميد سنڌي جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو

news

بدين: سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار اديب علمي ادبي ۽ بزم روح رهاڻ جي سرواڻ حميد سنڌي جي ياد ۾ پريس ڪلب  بدين پاران تعزيتي ميڙاڪو ٿيو جنهن دوران ڳالهائيندي نالي واري ليکڪ محمد موسيٰ جوکيو چيو ته حميد سنڌي مزاحمتي ادب سرجڻهار هو جنهن ون يونٽ جنهن ۾ صوبن جو نالو وٺڻ به وڏو ڏوهه سمجهو ويندو هو.

  روح رهاڻ رسالو ڪڍي ان ذريعي عملي جدوجهد ڪئي  هن چيو ته حميد سنڌي سرڪار جي نگراني ۾ نڪرندڙ رسالن ۾ به سنڌ جي عوام سان پيش ايندڙ مسئلن جي نشاندهي ڪئي ان موقعي تي ڳالهائيندي پي ايڇ ڊي اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر شرف الدين ٽالپر چيو ته حميد سنڌي بنيادي طور ڪهاڻيڪار هو پر تاريخ ۽ تصوف تي به تمام گهڻي ڄاڻ رکندو هو سندس دور ۾ پبلڪ اسڪول حيدرآباد ڪامياب تعليمي ادارن ۾ هڪ هو.

هن وڌيڪ چيو ته جڏهن ته پنهنجي حياتي ۾ هن شاگردن جي جي تمار گهڻي همت افزائي ڪئي بزم روح رهاڻ جي گڏجاڻين دوران به هن هر طبقي جي مان ۽ مرتبو ڏنو سماجي اڳواڻ ۽ عوامي جهموري پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ خادم ٽالپر چيو ته  حميد سنڌي وڏي دل ۽ گردي وارو ماڻهو هن جنهن  1970 ۾ ٻولي واري مسئلي تمام گهڻو ڪم ڪيو جنهن زماني ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائڻ به ڏوه هو ته هن روح رهاڻ رسالو جاري رکيوهن چيو ته حميد سنڌي لچڪ وارو ماڻهو هو.

مختلف سرڪاري عهدن تي رهڻ دوران هن تي ڪرپشن جا الزام به لڳا پر هن انهن کي مڙس ٿي منهن ڏنو بزم روح رهاڻ بدين شاخ جي صدر عبدالمجيد ملاح چيو ته حميد سنڌي ادبي لڏي جو وڏو ماڻهو هو جنهن سان بزم روح رهاڻ جي شاخ قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ويجهڙائپ رهي هن ڪوششن هوندي هئي ته بزم روح رهاڻ جي هفتيوار گڏجاڻين دوران لاڙ پٽ جي شخصيتن تي ڳالهايو وڃي ان جا ڏهاڙا ملهايا وڃن.

تقريب کي پريس ڪلب جي صدر ملڪ محمد الياس حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جي نائب صدر سينئر صحافي تنوير احمد آرائين مرتضيٰ ميمڻ پريس ڪلب جي سوشل سيڪريٽري نورحسن سولنگي بزم روح رهاڻ جي جنرل سيڪريٽري ستار جوکيو پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته تقريب ۾ استاد الهڏنو جوڻيجو شاه جي وائي ترنم ۾ ڳائي داد حاصل ڪيو جڏهن شاعر علي عاجز حميد سنڌي تي لکيل شاعري پڙهي ٻڌائي.