ايران: خرابي ٿيڻ تي هوائي جهاز جي مصروف روڊ تي لينڊنگ

news

تهران: ايران ۾ هڪ مسافر جهاز جي مصروف ترين روڊ جي وچ ۾ هنگامي لينڊنگ، جنهن ڪري جهازکي نقصان پهتو، مسافر مجعزاڻي طور بچي ويا.

ايران جي جهاز جي روڊ تي هنگامي لينڊنگ واري ويڊيو پڻ رابطن واري ويب سائيٽن تي تمام گهڻو وائريل ٿيو جنهن ۾ جهاز روڊ تي ڪرڻ کان پوءِ ماڻهو مسافرن کي جهاز ۾ ڪڍي رهيا آهن.

هيئنر تائين حاصل ٿيل خبرن موجب ايراني جهاز ۾ 130 مسافر سوار هئا.

جهاز ۾ خرابي پئدا ٿيڻ جي ڪري جهاز کي هوائي اڏي تي هنگامي لينڊنگ ڪرڻي هئي پر پائيلٽ جهاز کي روڊ تي ئي لاٿو.