هائير ايجوڪيشن ڪميشن تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين بحالي جي مخالفت ڪري ڇڏي

news

اسلام آباد: هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين جي بحالي جي مخالفت ڪري ڇڏي.
گذريل سال ڊسمبر ۾ سڄي ملڪ ۾ شاگرد يونين جي بحالي لاءِ شاگرد رستن تي نڪري آيا هئا، جنهن کانپوءِ وزيراعظم عمران خان سميت سياسي اڳواڻن يونين جي بحالي جي حمايت ڪئي هئي.
وزيراعظم عمران خان ٽوئٽ ڪندي يونيورسٽين ۾ شاگرد يونين جي بحالي جو اشارو ڏنو هو، جڏهن ته هاڻ هائير ايجوڪيشن ڪميشن يونين جي بحالي جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي.
هائير ايجوڪيشن جي طرفان قومي اسيمبلي جي ميمبر کيئل داس جي پيش ڪيل بل جي جواب ۾ شاگرد يونين جي مخالفت ڪئي وئي آهي.
ايڇ اي سي جو پنهنجي جواب ۾ چوڻ آهي ته شاگرد يونين جي بحالي سان يونيورسٽين ۾ سڌارا آڻڻ جي حڪومتي ڪوششن کي نقصان پهچندو.
ايڇ اي سي جو چوڻ آهي ته شاگرد متحرڪ سياست ۾ شامل ٿيندا، جيڪي ڪئمپس ۾ تشدد جو سبب بڻجندو آهي، جڏهن ته يونين سياسي جماعتن سان وابستگي سبب حڪومت مخالف اتحاد ڪندي آهي.
هائير ايجوڪيشن ڪميشن موجب يونين اثر رسوخ ۽ طاقت حاصل ڪندي آهي جيڪي ڪئمپس جي تعليم، تحقيق ۽ ترقياتي ڪمن جي لاءِ خطرو آهي.
ياد رهي ته 9 ڊسمبر 2019ع تي سنڌ صوبي طرفان اسٽوڊنٽس يونين بحالي جو بل منظور ڪيو ويو هو.