ڪراچي: قومي عوامي تحريڪ ملير ضلعي پاران محبت سنڌ ريلي ۽ جشن لطيف پروگرام پپري ۾ ملھايو ويو، پروگرام ۾ مرڪزي اڳواڻن سميت سياسي، سماجي، اديب دانشورن، صحافين، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،
پروگرام کي خطاب ڪندي مرڪزي نائب صدر فرحان لاڙڪ چيوتہ محبت سنڌ ريلي ۽ جشن لطيف ملھائڻ جو مقصد سنڌي قوم جيڪا ھن وقت ستل آھي، ۽ لطيف جي شاعري وسيلي ان کي جاڳائڻ لاء عملي جدوجھد ڪرڻي پوندي، محبت سنڌ ريلي جو مقصد 22 مئي 2012 کان شروع ٿيوھيو،
ان وقت ايم ڪيو ايم جو عروج ھيو۔ جنھن مھاجر صوبي ٺاھڻ جي پروپگنڊا شروع ڪئي، ان وقت لياري ۾ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾محبت سنڌ ريلي ڪڍي جنھن ۾ مھاجر صوبي جي ڳالھ ڪندڙن کي نست نابوت ڪيو ويو، ان ريلي ۾ اسان جي بھادر نياڻي غزالا بتول صديقي شھيد ٿي وئي ھئي،
ملڪ ۾ مھانگائي، ڪرپشن، بدعنواني آھي جنھن ڪري اسين محبت سنڌ ريلي ڪڍي ۽ جشن لطيف ملھائي رھيا آھيون، لطيف سائين، ھڪ عظيم مفڪر دنيا جو عالم ۽ ھڪ عظيم ليڊر ھيو، دل چوندي آھي روز جشن لطيف ملھائجي، جڏھن مغلن جي صلطنت ھئي ان دوران للڪار ڪئي ھئي،
لطيف سائين جي دور ۾ بہ ظلم، زبردستيون سنڌي ماڻھن سان ٿينديون ھيون، ان زماني ۾ وڏيون سختيون ھيون جن کي لطيف سائين اتھاس ڏنو، لطيف جي سٽ سٽ ۾ صرف سنڌ نہ پر عالم انسانيت سمايل آھي، لطيف فقط سنڌ جو شاعر نه آھي، لطيف رڳو صوفي شاعر نہ آھي لطيف انقلاب جو درس ڏنو لطيف وڙھڻ سيکاريو، زبان ذريعي بغاوت سيکاري، زبان ذريعي بغاوت ڪري پنھنجا حق وٺڻ ۽ سنڌي ماڻھن کي ان زماني ۾ باغي ڪري ميان وال تحريڪ ڪلھوڙن جي دور ۾ ان زماني کان وٺي اتھاس پيدا ڪيو،
قومي عوامي تحريڪ اياز لطيف پليجو جي قيادت ۾ ھميشه جشن لطيف ڪري ماڻھن ۾ سجاڳي پيد ڪندي رھندي، مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو چيو تہ محبت سنڌ ريلي جو بنيادي مقصد آھي تہ سنڌ ۾ ٿيندڙ ظلم خلاف پنھنجو آواز بلند ڪري سنڌي ماڻھن کي باشعور ۽ منظم ڪري بھترين جدوجھد لاء تيار ڪجي ۽ انھن ۾ شعور، علم ۽ سمجھ ڏئي ٿيندڙ ظلم جي خلاف ميدان تي آڻڻ آھي،
جشن لطيف ملھائڻ جومقصد لطيف سائين اسان جو رھبري فڪر آھي، ھي لطيف جو ھي فڪر آھي جنھن ڪري اڄ سڄي سنڌ ۾ سياست ٿئي پئي، سنڌ جو ماڻھو منظم ٿي، پنھنجي حقن لاء جدوجھد ڪري رھيو آھي، اياز لطيف پليجو جي اھا ڪوشش آھي تہ جشن لطيف جھڙا پروگرام ڪري سنڌ جي ماڻھن کي لطيف جي فڪر سان روشناس ڪريون،
جيڪا لطيف جي فڪر ۾ اھا طاقت آھي، پروگرام کي مرڪزي اڳواڻ ناهيد جوڳي، ڪراچي ڊويزن صدر اشفاق چنڙ، فياض ايترو، لياقت جهتيال ملير ضلعي صدر ڪاشف خاصخيلي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو جڏھن تہ پروگرام ۾ مختلف ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ويا،
جڏھن معصوم عائشه فرحان لاڙڪ ڀٽائي جابيت پڙھي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، پروگرام جي آخر ۾ آيل مھمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪن جا تحفه پڻ ڏنا ويا.