سنڌ کان پنجاب ويندڙ ڇٽيهه انچ قطر جي گيس پائپ لائن ڌماڪي سان ڦاٽي پئي

news

صادق آباد: سنڌ کان پنجاب ويندڙ چٽيهه انچ قطر جي  گيس پائپ لائين ڌماڪي سان ڦاٽي پئي. جنهن جي ڪري گيس پائپ لائين کي باهه وڪوڙي وئي، گيس پائپ لائين ڦاٽڻ وارو واقعو صادق آباد جي ڳوٺ نوازآباد ويجهو پيش آيو.

اطلاع ملڻ تي امدادي ٽيمون ۽ پوليس جي وڏوي نفري واقعي واري هنڌ پهتي. پوليس علائقي کي خالي ڪرائي ڇڏيو. اسسٽنٽ ڪمشنر به واقعي واري هنڌ پهچي جائزو ورتو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته باهه تمام گهڻي ڦيهلجي رهي آهي. باهه لڳڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

سوئي ناردن گيس پائپ لائين ٽرانسميشن موجب ڌماڪي کان پوءِ قادپور ۽ سوئي کان گيس جي سپلائي روڪي وئي آهي. آخري اطلاعن تائين ڌماڪي کان پوءِ لڳل باهه تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو آهي.