اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي وزير فيصل واوڊا کان نااهلي واري ڪيس ۾ جواب طلب ڪري ورتو

news

اسلام آباد: (اربع 29 جنوري 2020ع) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻٽي شهريت لڪائڻ جي ڪيس ۾ وفاقي وزير فيصل واوڊا، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي وزير فيصل واوڊا جي خلاف ٻٽي شهريت لڪائڻ تي نااهلي واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي. درخواست ڏيندڙ موقف اختيار ڪيو ته فيصل واوڊا اليڪشن ڪميشن ۾ ٻٽي شهريت جي حوالي سان ڪوڙو حلف نامو جمع ڪرايو. نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 11 جون هئي.

سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب فيصل واوڊا کي ٻٽي شهريت ڇڏي نامزدگي فارم جمع ڪرائڻو هو. عدالت  کان درخواست آهي ته فيصل واوڊا کي نااهل ڪيو وڃي.

عدالت فيصل واوڊا کي بطور وزير ڪم کان فوري طور تي  روڪڻ جي درخواست تي به نوٽيس جاري ڪندي 24 فيبروري تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.