قرض لاهڻ جي لاءِ رياستي ادارن جا شيئر وڪرو ڪرڻ جي منظوري

news

اسلام آباد: (اربع 29 جنوري 2020ع)  نجڪاري ڪميشن بورڊ 2 پاور پلانٽن  جي نيلامي ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ 12 فرمن کي پري ڪواليفائيڊ ڪري ورتو آهي ۽ او جي ڊي سي ۽ پي پي ايل جي شيئرن کي وڪرو جي لاءِ مالياتي صلاحڪار جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي منظوري به ڏئي ڇڏي آهي.

نجڪاري بورڊ خساري ۾ هلندڙ سرڪاري ملڪيتون 27 جڳهين جي کلي نيلامي جي ذريعي وڪرو ڪرڻ جي به منظوري ڏني ۽ ان سمورن اثاثن جي لاءِ 6.7 ارب روپين جي محفوظ قيمت به مقرر ڪري ڇڏي. مالياتي صلاحڪارن صرف هڪ جڳهه جي قيمت 5 ارب روپيه لڳائي آهي جيڪا باقي 26 اثاثن جي ماليت 1.7 ارب روپيه ٻڌائي وئي آهي.

پاور پلانٽن جي نيلامي ۽ ٻن ڪمپنين جي شيئر جي وڪري مان 4 کرب جي لڳ ڀڳ رقم حاصل ٿيندي جنهن سان بجيٽ جو خسارو پورو ڪرڻ ۾ مدد ورتي ويندي. وزيراعظم عمران خان اهي سمورا اثاثا عوامي قرضن جي ادائيگي ۾ استعمال ڪرڻ چاهي ٿو. جنهن ۾ 14 ارب روپيه روزاني جي شرح ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.