ملير: قائد آباد ۾ معصوم نينگري سان زيادتي جي ڪوشش، جوابدار گرفتار

news

ملير (رپورٽ: درياخان شر) ملير جي علائقي قائدآباد  ۾ ٻارڙي کي مبينا طور مسجد جي باٿ روم ۾ وٺي وڃي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي علائقي واسين جوابدار پڪڙي ان جو ڪارو منهن ڪري ۽ سندس مٿي جا وار ۽ ڀرون ڪوڙي ڇڏيڻ بعد رينجرز حوالي ڪري ڇڏيو.

قائدآباد ٿاڻي جي حد مظفرآباد ڪالوني ۾ علائقي واسين حيدر نالي نوجوان کي پڪڙيو. جوابدار هڪ معصوم نينگري کي مسجد جي باٿ روم ۾ وٺي ويو ۽ ساڻس زيادتي جي ڪوسش ڪئي، هڪ دڪاندار کي شڪ پيو، جنهن بعد کيس پڪڙيو ويو.

رينجرز جوابدار کي قائدآباد پوليس حوالي ڪيو، جتي متاثر نينگري جي مامي جي فرياد تي جوابدار مٿان ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي.