جيڪب آباد ۾ سيپڪو مبينا جي زيادتين خلاف رهواسين ۽ دڪاندارن پاران ڌار ڌار احتجاج

news

جيڪب آباد: جيڪب آباد ۾ سيپڪو جي مبينا ذيادتين خلاف شڪارپور ناڪي ۽ پير بخاري علائقي جي دڪاندارن پاران ڌار ڌار احتجاج، ٽائرن کي باهيون، خبر موجب: جيڪب آباد ۾ سيپڪو جي ذيادتين خلاف دڪاندارن روڊن تي نڪري آيا گذريل ڏينهن شڪارپور ناڪي ۽ پيربخاري علائقي جي دڪاندارن پاران سيپڪو جي مبينا ذيادتين خلاف  ڌار ڌار احتجاج ڪيو ويو.

دڪاندارن ذوالفقار علي سڌايو، لطف علي مهر، سرور علي جمالي ۽ نديم قادري جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراه تي روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون ۽ سيپڪو خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي جڏهن ته پيربخاري جي علائقي جي دڪاندارن پاران ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو.

دڪاندارن جو سيپڪو عملدارن مٿان الزام مڙهندي چيو ته سيپڪو جا عملدار رشوت نه ڏيڻ سبب اسان کي ناجائز تنگ ڪندي واڌو بل اماڻين ٿا جنهن سبب اسين سخت پريشان آهيون جيڪڏهن انهن کي ڀتو ڏيندا آهيون ته بل به نارمل ايندو آهي جنهن مهيني ڀتو بند ڪندا آهيون.

وري ٻيهر ڳرا بل ايندا آهن جڏهن ته اهي ڳرا بل ادا ڪرڻ باوجود به هو وري هرو ڀرو ٽرانسفارمرن جون لنڪون لاهي وڃن ٿا جنهن سبب اسان جو ڪاروبار سخت متاثر ٿئي ٿو.هنن گهر ڪندي چيوته ڪرپٽ سيپڪو عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري دڪاندارن کي رليف ڏنو وڃي.