مهانگائي وڌيڪ وڌڻ نه گهرجي: وزيراعظم جي معاشي ٽيم کي هدايت

news

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان معاشي ٽيم کي عوام کي وڌ کان وڌ آسانيون ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان سان معاشي ٽيم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وفاقي وزير، صلاحڪار ۽ معاون خصوصي شريڪ هئا.

ذريعن ٻڌايو آهي ته ملاقات ۾ وزيراعظم کي ملڪ ۾ مهانگائي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ڪابينا اجلاس ۾ وڌندڙ مهانگائي تي خدشن جو اظهار ڪيو ۽ معاشي ٽيم سان ملاقات ۾ چيو ته جيڪڏهن ڪابينا اجلاس ۾ سبب نٿا ٻڌائي سگهو ته پوءِ اڄ اهي هتي ٻڌايو.

ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان معاشي ٽيم کي هدايت ڪئي ته مهانگائي وڌيڪ وڌڻ نه گهرجي ۽ عوام کي وڌ کان وڌ آسانيون ڏنيون وڃن.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم ڪابينا اجلاس ۾ معاشي ٽيم تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو هو ته ملڪ ۾ مهانگائي ڪنٽرول نه پئي ٿئي ۽ مون کي ان معاملي تي مِس گائيڊ ڪيو پيو وڃي.