سڄي ملڪ ۾ اڄ موسم ٿڌو ۽ خشڪ رهندو: موسميات کاتو

news

اسلام آباد: (خميس 30 جنوري 2020ع) ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم ٿڌو ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته پنجاب جي ميداني علائقن ۾ وڌيڪ ڪوهيڙو رهندو. خميس جي ڏينهن ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم ٿڌو رهندو. جڏهن ته اتر بلوچستان، مٿانهين خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ وڌيڪ ٿڌو رهندو.

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم جهڙالو رهڻ جو به امڪان آهي. پنجاب جي ميداني علائقن ۾ خميس جي صبح وڌيڪ ڪوهيڙو ر هندو. وفاقي گادي واري شهر ۽ لاهور سميت ٻيا ڪيترائي ضلعا ڪوهيڙي ۾ رهندا. ساهيوال ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به ڪوهيڙو رهندو ۽ ٽريفڪ جي روانگي متاثر ٿيندي. ڪراچي ۾ اڄ صبح جو گرمي پد 10 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو پر ڏينهن جي وقت وڌ کان وڌ گرمي پد 25 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته 9 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائن جو سلسلو جاري رهندو.

سائبيرين هوائن جي رفتار گهٽ هجڻ سبب صبح ۽ شام جي وقت ۾ ٿڌ جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران مٿانهين پنجاب، مٿانهين خيبرپختونخواهه ۽ ڪشمير جي مختلف ضلعن ۾ برسات پئي جڏهن ته مالم جبه، مري ۽ استور ۾ برفباري رڪارڊ ڪئي وئي جنهن سبب موسم وڌيڪ ٿڌو ٿي ويو.

سڀني کان وڌيڪ برسات گوجرانوالا ۾ 43 ملي ميٽر، منڊي بهاءُالدين 38 ملي ميٽر، اسلام آباد 38 ملي ميٽر، گجرات 36 ملي ميٽر، سيالڪوٽ 30 ملي ميٽر، اٽڪ 29 ملي ميٽر، راولا ڪوٽ 24 ملي ميٽر، پشاور 21 ملي ميٽر، دير 15 ملي ميٽر، ڪوٽلي 13 ملي ميٽر لاهور ۽ ڪاڪول 10 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

گذريل ڏينهن سڀني کان گهٽ گرمي پد اسڪردو ڪاٽو 16، پارا چنار ڪاٽو 12، بگروٽ ڪاٽو 10، ڪالام ڪاٽو 07 ۽ هنزه ڪاٽو 06 رڪارڊ ڪيو ويو.