لياقت يونيورسٽي ڄامشورو ۾ رجسٽرار ۽ ملازم اڳواڻن جي منهن ماري، ملازم وي سي سيڪريٽريٽ ۾ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا

news

ڄامشورو(رپورٽ: حيات ميراڻي ) لياقت يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر بيکارام ۽ رجسٽرار ڊاڪٽر اڪرامالدين اڄڻ  ۽ ملازم اڳواڻن ۾ مسئلن جي حل بابت وي سي آفيس ۾  گڏجاڻي ڳالهين ۾  رجسٽرار ۽ ملازم اڳواڻن جي منهن ماري ملازم مڇرجي پيا جلوس ڪڍي وي سي سيڪريٽريٽ اندر ڌرڻو هڻي ويهي رهيا.

ان موقعي تي ملازم اڳواڻن قربان سومرو۔سعيد لاشاري۔ اعجاز برفت ۽ ٻين چيو ته اسان مسئلن جي حل بابت انتظاميه کي چارٽر آف ڊمانڊ اڳ ۾ ڏئي ڇڏيو هو اڄ خود انتظاميه پاڻ اسان کي گهرائي ڳالهيو ڪيو ڳالهين ۾ وي سي سان گڏ رجسٽرار ۽ پروفيسر سهيل عالماڻي گڏ هئا ۽ انهن ٻنهين مسئلا حل ڪرڻ بجاء اسان سان منهن ماري ڪئي آهي جنهن عمل خلاف ملازم سراپا احتجاج بڻجي ڌرڻو هڻي ويٺل آهيون.

هنن چيو لمس جو رجسٽرار ڪرپٽ آهي هن کي رجسٽرار سميت 8 پوسٽون ڏنيون ويون آهن جن جو هي انچارج بڻيل آهي ۽ لمس ۾ ايندي سان ئي ڪرپشن جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي رسرچ ليب ۾ پيسه وٺي سري عام نوڪريون وڪرو ڪري رهيو آهي ۽ سهيل عالماڻي ٿيسز چوري ڪري پروفيسر ٿيو آهي هو جعلي پروفيسر آهي جاچ ڪئي وڃي.

هو ٻئي وي سي بيکارام کي بليڪ ميل ڪري ويٺا آهن ۽ يونيورسٽي جو پر امن ماحول خراب ڪري رهيا آهن۔ ملازم اڳواڻن چيو ته اسان جا سڀ جائز مطالبا آهن جن ۾ ملازمن جي ڊي پي سي۔ رٽائرڊ ۽ فوتي ڪوٽا تحت ملازمن جي اولاد کي نوڪريون ڏيڻ ۔ لمس ڪالوني جي زبون حال ڪواٽرن جي مرمت ڪرائڻ آهن پر انتظاميه مسئلا حل ڪرڻ لاء تيار ناهي.

هنن چيو ته بلاول ميڊيڪل ڪاليج ۾ وي سي پنهنجي ڌيء ۽ استادن جي اولاد کي غيرقانوني طور نوڪريون ڏنيون آهن جن خلاف جاچ ڪرائي وڃي۔  هنن اعلان ڪيو ته 3 فيبروري سومر ڏينهن کان مسئلن جي حل ۽ ٽيچنگ اسٽاف کي انتظامي پوسٽن تان هٽائڻ تائين احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.