سڪرنڊ لڳ ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ سرنهن جي فصل مان تازي ڄاول ٻارڙي جو لاش هٿ

news

سڪرنڊ : سڪرنڊ  لڳ ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ سرنهن جي فصل مان نئين تازي ڄاول ٻارڙي جو لاش هٿ آيو آهي.

لاش جي خبر ان وقت پئي جڏھن ڳوٺاڻا شام جو گاھ ڪرڻ ٻنيءَ تي ويا ته اوچتو مئل ٻارڙي تي نظر پئي ڳوٺاڻن لاش کڻي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاه جي ڪمدار دريان خان جمالي جي حوالي ڪيو.

جنهن انسانيت خاطر ٻارڙي جي ڪفن دفن جو بندوبست ڪري مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو .

هوڏانهن  ڳوٺاڻن جي چوڻ موجب لاش هڪ اندازي موجب لڳ ڀڳ 6 کان 8 ڪلاڪ پهرين يعني منجهند جو آهي ڳوٺاڻن پاران  واقعي بابت جاچ ڪري رهيا آهن.