ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ وڌيڪ هڪ مهيني جي واڌ

news

اسلام آباد: فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) مالي سال 20- 2019ع جي ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ هڪ مهيني جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.

ايف بي آر طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب ٽيڪس گوشوارا هاڻ 28 فيبروري 2020ع تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿا.

ياد رهي ته ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 31 جنوري 2020ع هئي. ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ چوٿون ڀيرو واڌ ڪئي وئي آهي.