حڪومت پاران پيٽروليم اسمن جا اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو

news

اسلام آباد: ناڻي واري وزارت پيٽروليم اسمن جا اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

گذريل ڏينهن آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پهرين فيبروري کان پيٽروليم اسمن جي اگهن ۾ اضافي جي سفارش ڪئي هئي.

سمري ۾ ڊيزل جي اگهن ۾ 2 رپيا 47 پئسا في ليٽر واڌ ۽ پيٽرول جي اگهه ۾ 6 پئسا في ليٽر گهٽتائي جي سفارش ڪئي وئي، جڏهن ته وفاقي حڪومت پيٽروليم اسمن جا اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ناڻي واري وزارت جي پڌرائي موجب پيٽرول جي اگهن ۾ 116 رپيا 60 پئسا في ليٽر، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جا اگهه 127 رپيا 26 پئسا برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

گذريل ڏينهن گاسليٽ جي اگهه ۾ في ليٽر 66 پئسا گهٽتائي جي تجويز ڏني وئي هئي، جيڪا هاڻ 99 رپيا 45 پئسا في ليٽر برقرار رهندو، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل آئل جو اگهه 84 رپيا 51 پئسا في ليٽر برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.