ڪراچي ۾ ڦر دوران ڦورن ڀيڻ جي سامهون ڀاءُ کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو

news

ڪراچي: (ڇنڇر 01 فيبروري 2020ع)   ڪراچي ۾ ڦرون هڪ دفعو ٻيهر شروع ٿي ويون آهن. ڏينهن ڏٺي جو ڦرن جي وارداتن ۾ ڏينهن به ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي.

سولجر  بازار جي علائقي ۾ پئسا ڦر ڪرڻ جي واردات دوران مزاحمت تي  ڦورن ڀيڻ جي سامهون ڀاءُ کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ پئسا ڦر ڪري فرار ٿي ويا. سولجر بازار نمبر 3 غفوريه مسجد جي ويجهو  ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار 3 ڦورن موٽر سائيڪل تي سوار ڀيڻ ڀاءُ کان رقم ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار نوجوان جي مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب هو قتل ٿي ويو. ڦورو سندس ڀيڻ کان هينڊ بيگ ڦر ڪري فرار ٿي ويا. 

جنهن ۾ هڪ لک 20 هزار روپيه، اي ٽي ايم ڪارڊ ۽ ٻيا ڪاغذ موجود هئا. مقتول نوجوان جي سڃاڻپ 27 ساله انعام نبي ولد اسماعيل جي نالي سان ٿي. مقتول نوجوان بلوچ بلڊنگ گارڊن ويسٽ فليٽ نمبر فائيو بي سيڪنڊ فلور جو رهائشي هو. سول ٽراما سينٽر ۾ ڏک ۾ ورتل مقتول جي پوڙهي  پيءُ اسماعيل ٻڌايو ته منهنجو پٽ 3 ڀيڻ ڀائرن مان ٻئي نمبر تي هو ۽ هڪ ڌيءَ جو پيءُ هو، هن ٻڌايو ته پٽ انعام نبي ويٽنام ۾ اسڪول ٽيچر هو ۽ 15 ڏينهن جون موڪلون گذارڻ جي لاءِ آيلو هو ۽ آچر جي ڏينهن کيس واپس ويٽنام وڃڻو هو.

ان ئي سلسلي ۾ جهاز جي ٽڪيٽ خريد ڪرڻ جي لاءِ هو گهر ۾ رکيل ڪجهه پرڏيهي ڪرنسي(ڊالر)تبديل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڀيڻ فرحين فاطمه جيڪا فاطمه اسپتال ۾ ڊاڪٽر به آهي سان گڏ موٽر سائيڪل تي گرومندر ويجهو مني ايڪسچينج ويو هو جتي رقم تبديل ڪرڻ کان پوءِ واپس گهر ڏانهن اچي رهيو هو ته 2 موٽر سائيڪلن تي سوار 4 ڦورن غفوريه مسجد ويجهو ڌيءَ کان رقم سان ڀريل پرس ڦر ڪيو ۽ فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا جنهن جي نتيجي ۾ منهنجو پٽ  قتل ٿي ويو. ياد رهي ته ڪراچي ۾ هاڻ ڦرن جون وارداتون روزانو جو معمول بڻجي ويون آهن جڏهن ته پوليس اڃان تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي.