پي ايس ايل انتظاميه پرڏيهي رانديگرن جي بهتر سيڪيورٽي جي لاءِ پرعزم

news

ڪراچي: (ڇنڇر 01 فيبروري 2020ع) پاڪستان سپر ليگ جي پراجيڪٽ ايگزيڪٽو شعيب نويد پرعزم آهي ته مڪمل طور تي پاڪستان ۾ ٿيندڙ پنجن ئي ايڊيشن ۾ پرڏيهي رانديگرن کي بهتر سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي جنهن جي لاءِ مقامي ۽ پرڏيهي ايجنسين کي ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

شعيب نويد چيو ته پي ايس ايل فائيو جي دوران ٽيمن ۽ ان ۾ شامل ملڪي ۽ پرڏيهي رانديگرن جي لاءِ اهڙي طرح حفاظتي انتظام ڪيا ويندا  جيئن تازو سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي ٽيمن جي لاءِ ڪيا ويا هئا. هن چيو ته عالمي ڪمپ 1996ع کان پوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پهريون ايونٽ آرگنائيز ڪري رهيو آهي جنهن ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ وينيوز جو استعمال ڪيو ويندو جيڪي لاجسٽڪس جي اعتبار سان اسان لاءِ ڪافي چيلنجنگ آهن پر هنن هر اعتبار سان پنهنجون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن.

هنن اعتراف ڪيو ته دنيا جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ في الحال اسان جي ايونٽ جي شروعات جو معيار ڪافي گهٽ آهي پر ايندڙ سالن ۾ اها صورتحال ڪافي بهتر ٿي ويندي. شعيب نويد چيو ته پي ايس ايل ۾ وڌيڪ ڪابه ٽيم شامل ڪرڻ جو في الحال ڪوبه پلان ناهي ڇو ته ان حوالي سان اسان کي ٻين فرنچائزز سان ڳالهين کان علاوه اهو به ڏسڻو پوندو ته شوقينن جي دلچسپي ۽ واپاري پهلوئن تي ڪهڙو فرق پئجي سگهي ٿو ان ڪري آئنده ايڊيشن ۾ ڪنهن به ٽيم جو اضافو غور هيٺ ناهي.

هن وڌيڪ چيو ته پي سي بي ۽ فرنچائز جي وچ ۾ هاڻ ڪنهن به قسم جو ڪوبه اختلاف ناهي جنهن جو سبب ماضي ۾ رابطن جي کوٽ هئي.