ٻه ارب ايڪٽيهه ڪروڙ روپين جو ڪنوار جو ڪپڙن جو وڳو

news

پيرس: (ڇنڇر 01 فيبروري 2020ع)  جڏهن عورتن جي عروسي ڪپڙن جي ڳالهه ڪئي وڃي ته دنيا جا مشهور ڊزائنر ان ڪپڙن کي خاص کان خاص ٺاهڻ جي لاءِ هميشه کان ڪوششن ۾ هوندا آهن.

اڄ اسان اوهان کي عروسي لباس جي باري ۾ ٻڌائينداسين جنهن جي قيمت ٻڌي اوهان حيران رهجي ويندو جڏهن ته ان عروسي ڪپڙن جي نمائش فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ ڪئي وئي جنهن کي دنيا جو ٽيون نمبر مهانگو ترين عروسي لباس قرار ڏنو ويو آهي.

هن مهانگي ترين عروسي لباس جي قيمت 2 ارب 31 ڪروڙ روپين جي ماليت آهي ۽ ان برائڊل گائون جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان ۾ ڪيترائي هيرا ۽ قيمتي پٿر لڳل آهن. اکين کي حيران ڪندڙ هن عروسي گائون کي مصري ڊيزائنر هائي البهيري پيرس ۾ اورنٽل فيشن شو جي دوران پيش ڪيو.

هلڪي سرمئي جھاري واري ريشمي آرگنزا سان ٺاهيل هن لباس جي تياري تي 800 ڪلاڪ لڳايا ويا جڏهن ته ان گائون جو آرڊر هڪ امير مصري فيملي ڏنو هو. واضح رهي ته دنيا جي سڀني کان مهانگي ترين لباس(نائٽ انگيل آف ڪوالالمپور“ ملائيشيا جي ڊيزائنر 2009 ۾ تيار ڪيو هو جنهن جي قيمت 4 ارب 63 ڪروڙ روپين هئي.

ان مهانگي ترين لباس ۾ 751 هيرا ۽ قيمتي پٿر لڳل هئا جن جو مجموعي وزن 1100 قيراط هو. ٻئي طرف دنيا جو  ٻيون مهانگو ترين لباس عبايا ڊريس برطانوي ڊيزائنر 2013 ۾ ٺاهيو هو جنهن جي قيمت 2 ارب 73 ڪروڙ روپيه هئي.