صنعت ۽ پيداوار جي وزارت کنڊ ٻاهران گهرائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

news

اسلام آباد: ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ واري فيصلي کانپوءِ کنڊ درآمد ڪرڻ جون تياريون، صنعت ۽ پيداوار 3 لک ٽن کنڊ ٻاهران گهرائڻ جي تجويز ڏني آهي، جڏهن ته باقي رهيل کنڊ لاءِ ايڪسپورٽ ڪوٽا تي پابندي لڳائڻ جو به مطالبو ڪيو آهي.

ڪڻڪ کانپوءِ کنڊ جو بحران به سامهون اچڻ لڳو آهي، حڪومت ڪڻڪ ٻاهران گهرائي ورتي ۽ هاڻي کنڊ درآمد ڪرڻ جي تياري شروع ڪئي پئي وڃي.

صنعت ۽ پيداوار جي وزارت ٽي لک ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جي سمري تيار ڪري ورتي آهي.

وزارت تجويز ڏني آهي ته اسٽريٽجڪ ذخيرا برقرار رکڻ جي لاءِ کنڊ ٻاهران گهرائي وڃي، سمري ۾ کنڊ جي درآمد تي پابندي لڳائڻ جي تجويز ڏيندي چيو ويو آهي ته ان سلسلي ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي سان رجوع ڪيو وڃي ۽ ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان جي ذريعي ٽيڪس ادائيگي کان بغير کنڊ درآمد ڪرڻ جي اجازت هئڻ گهرجي.