آئين کي رد ڪندڙن لاءِ عوام جي دلين ۾ ڪابه جڳهه ناهي: فردوس عاشق

news

سيالڪوٽ: (آچر 02 فيبروري 2020ع)  وزيراعظم عمران خان جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته آئين کي رد ڪندڙن لاءِ پاڪستان جي عوام جي دلين ۾ ڪابه جڳهه ناهي.

پنهنجي ٽوئٽ ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان قبائلي عوام جي خوشحالي جي لاءِ پرعزم ۽ سرگرم عمل آهي.

پٺتي پيل علائقن جي تعمير ۽ ترقي، خاص ڪري نوجوانن جي لاءِ روزگار جي فراهمي اسان جي اولين ترجيح آهي. محب وطن قبائلي عوام کي ان جي قربانين، صبر  ۽ استقامت جو ڦل هر صورت ۾ ملندو. آئيني، جمهوري حقن جي فراهمي کي يقيني بنائي کين بااختيار بنائينداسين.

وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار جو چوڻ هو ته امن جي قيام لاءِ امن جي دشمن ۽ شرپسند عناصرن کي سخت طريقي سان منهن ڏنو ويندو.

پاڪستان جي آئين کي رد ڪندڙن جي لاءِ پاڪستان جي عوام جي دلين ۾ هاڻ ڪابه جڳهه ناهي. ٻين جي هٿن ۾ رانديڪو بنجندڙ شرپسندن کي قبائلي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي سان کيڏڻ نه ڏينداسين.