سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنون اڄ شام ستين وڳي تائين کليل رهنديون

news

ڪراچي: (آچر 02 فيبروري 2020ع) سڄي سنڌ جي رهواسين لاءِ سٺي خبر اها آهي ته اڄ سي اين جي اسٽيشنون شام جو 7 وڳي تائين کليل رهنديون.

سي اين جي اسٽيشنن جي ٻاهران گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن. گهٽ پريشر جي ڪري گهريلو صارفين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

سڄي صوبي ۾ اڄ سي اين جي اسٽيشنون 12 ڪلاڪ کليل رهنديون. گيس جي فراهمي صبح جو 7 وڳي کان جاري رهندي.

سوئي سدرن گيس جي ترجمان موجب آئنده جي شيڊول جو فيصلو گيس جي پريشر کي نظر ۾ رکي ڪيو ويندو.

ٻئي طرف گهٽ پريشر جي ڪري گهريلو صارفين کي گيس پهچائڻ ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.