بنون ۾ پوليس مقابلي دوران ٻه دهشتگرد مارجي ويا، ايس ايڇ او شهيد

news

بنون: (آچر 02 فيبروري 2020ع) بنون ۾ پوليس مقابلي دوران ايس ايڇ او شهيد ٿي ويو. جڏهن ته مقابلي جي دوران 2 دهشتگرد به مارجي ويا.

تفصيل موجب خيبرپختونخواهه جي ضلعي بنون ٿاڻي سٽي جي حد محله باز محمد پوليس پارٽي تي فائرنگ ڪئي وئي. مبينه پوليس مقابلي جي دوران 2 ڄڻا مارجي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته مقابلي ۾ مارجي ويل هڪ جوابدار جي سڃاڻپ ناياب عرف نايابي جي نالي سان ٿي جڏهن ته فائرنگ ڪندڙ 2 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب مقابلي جي دوران فائرنگ سبب ايس ايڇ او سٽي عبدالمجيد خان شهيد ٿي ويو جڏهن ته پوليس جي وڌيڪ نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي جنهن علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو. شهيد ٿيندڙ ايس ايڇ او سٽي عبدالحميد خان جي لاش کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته چاءِ بازار ۽ ڀرپاسي جا علائقا هر قسم جي ٽريفڪ جي لاءِ بند ڪيا ويا آهن جڏهن ته ماڻهن کي هدايتون ڏنيون ويون آهن ته هو گهرن جي اندر ئي رهن.

ٻئي طرف آءِ جي پوليس خيبرپختونخواهه ثناءُالله عباسي پوليس جي ٽيم لاءِ انعام جو اعلان ڪندي چيو آهي ته بنون پوليس مقابلي ۾ حصو وٺندڙ ٽيم کي 10 لک روپيه انعام ڏنو ويندو. ثناءُالله عباسي چيو ته پوليس اشتهاري ڏوهارين کي مقابلي ۾ ماريو آهي. دهشتگردن ۽ منشيات فروشن جو خاتمو هر صورت ۾ ڪنداسين.