ڪراچي جي جهانگير پارڪ ۾ والد سان تفريح لاءِ ايندڙ ٻارڙو اغوا

news

ڪراچي:(سومر 03 فيبروري 2020ع)  ڪراچي جي علائقي صدر ۾ واقع جهانگير پارڪ مان والد سان گڏ تفريح جي لاءِ ايندڙ ڏيڍ ساله معصوم ٻارڙي کي اغوا ڪيو ويو.

پوليس موجب گذريل شام رنڇوڙ لائين جو ر هواسي عامر پنهنجي ڏيڍ سال جي معصوم ٻار سنديس سان گڏ تفريح جي لاءِ صدر ۾ واقع جهانگير پارڪ آيو. ان دوران ٻارڙو غائب ٿي ويو.

عامر پورو پارڪ ۽ ڀرپاسي ۾ ٻارڙي کي ڳوليو پر ٻار نه مليو. جڏهن پارڪ جي سي سي ٽي وي چيڪ ڪئي وئي ته ان ۾ عورت، مرد ۽ هڪ  ڇوڪرو ٻار کي پاڻ سان گڏ وٺي  ويندي نظر اچي رهيا آهن.

واقعي جو ڪيس ٻار جي پيءُ عامر جي مدعيت ۾ پريڊي ٿاڻي ۾ داخل ڪرايو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته سي سي ٽي وي جي مدد سان ٻار جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.