آءِ ايم ايف جو وفد بيل آئوٽ پيڪيج جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪستان پهچي ويو

news

اسلام آباد: (سومر 03 فيبروري 2020ع)   انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ(آءِ ايم ايف) جو وفد 11 ڏينهن جي لاءِ گذريل سال جولاءِ ۾ بيل آئوٽ پيڪيج تحت ڏنل 6 ارب ڊالرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ پاڪستان پهچي ويو.

ميڊيا رپورٽ موجب نظرثاني کان پوءِ ان ڳالهه جو اندازو لڳايو ويندو ته حڪومت کي مارچ ۾ مارڪيٽ ۾ اعتماد ۽ زرمبادله جا ذخيرا وڌائڻ جي لاءِ 45 ڪروڙ ڊالر ڏنا وڃن يا نه. پاڪستان جولاءِ کان هينئر تائين 1 ارب 44 ڪروڙ ڊالر حاصل ڪيا آهن جنهن مان 99 ڪروڙ 10 لک ڊالر جولاءِ ۾ ۽ 45 ڪروڙ 20 لک ڊسمبر جي مهيني ۾ حاصل ڪيا هئا. ڪل 6 ارب ڊالرن مان پاڪستان کي 2023 تائين 1 ارب 65 ڪروڙ ڊالر ملڻا آهن. جڏهن ته 4 ارب 35 ڪروڙ ڊالر آءِ ايم ايف کي ان ئي عرصي ۾ واپس ڪرڻا پوندا.

نظرثاني اهڙي وقت ۾ ٿي رهي آهي جڏهن حڪومت کي هلندڙ مال سال جي پهرين 7 مهينن ۾ 2.79 کرب روپين مان 385 ارب روپين جي روينيو شارٽ فال کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. وفاقي بجيٽ 20-2019 جي تحت حڪومت وفاقي بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) جي لاءِ ساليانو ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو حدف 55 کرب 3 ارب روپيه مقرر ڪيو هو.

هي ساليانو حدف روينيو ۾ 43 سيڪڙو جي حساب سان طئي ڪيو ويو هو جڏهن ته حقيقت ۾ مالي سال جي پهرين 7 مهينن ۾ روينيو جو حدف 16.8 سيڪڙو رهيو جيڪو حڪومت جي دعويٰ موجب 14 سيڪڙو کان وڌيڪ مهانگائي ۽ 3 سيڪڙو معاشي نمو جي سبب هو. آءِ ايم ايف جو وفد پاڪستان ۾ ايندڙ هفتي تائين ترسڻ دوران ڪابينه جي ميمبرن خاص طور تي ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، حماد اظهر، عمر ايوب خان، اسد عمر ۽ محمد ميان سومرو کان علاوه اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ۽ معاشي وزارتن جي اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون ڪندا.

ان ملاقاتن ۾ بحث گردشي قرضن ۾ گهٽتائي، روينيو گڏ ڪرڻ، نجڪاري پروگرام ۽ ٻين اسٽرڪچرل اصلاحات جي حوالي سان چيلنجن ۽ ڪارڪردگي تي ڌيان ڏنو ويندو. حڪومت جي لاءِ هن وقت  سڀني کان اهم چيلنج معيشت ۾ روينيو جمع ڪرڻ جي عمل کي اضافي قدمن جي ذريعي تيز ڪرڻ آهي ڇو ته ايف بي آر جي اختيارين پهريان ئي اضافي ٽيڪسن جي لاڳو ڪرڻ جي مخالفت ڪئي آهي.