آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس ڪيسن جو انگ يارنهن ٿي ويو

news

ڪيليفورنيا: (سومر 03 فيبروري 2020ع) آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس جي 11 ڪيسن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڪيليفورنيا جي اختيارين رياست ۾ وڌيڪ ڪيس سامهون اچڻ جي تصديق ڪئي آهي جنهن کان پوءِ آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس مان متاثر ماڻهن جو انگ 11 ٿي ويو آهي.

آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ هڪ ڪيس سانٽا ڪلارا ڪائونٽي ۽ وڌيڪ 2 ڪيس سان بينيٽوڪائونٽي ۾ سامهون آيا. اختيارين موجب سانٽا ڪلارا ڪائونٽي ۾ عورت ۽ ان جي وارثن کي قرنطينه ۾ رکيو ويو آهي جنهن کان پوءِ عورت کي گهر ۾ ئي اڪيلائي ۾ رکيو ويو آهي جڏهن ته عورت جي طبيعت ايتري خراب ناهي جو کيس اسپتال ۾ منتقل ڪيو وڃي.

اختيارين ٻڌايو ته عورت تازو ئي چيني شهر ووهان جو دورو ڪيو هو جنهن کان پوءِ سانٽاڪلارا ۾ وائرس جو ٻيو ڪيس آهي. ان کان علاوه سان بينيٽو ۾ زال مڙس ۾ وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.

متاثره مڙس تازو ئي وائرس مان متاثر پنهنجي زال سان ووهان ۾ ملاقات ڪئي هئي جنهن کان پوءِ وائرس مڙس ۾  منتقل ٿي ويو.