مديجي ۾ ڇتن ڪُتن جي ڏاڙهڻ سبب زخمي همراهه زخمي، اسپتال داخل

news

مدئجي: مدئجي ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ ڇتن ڪتن جو آزار ختم نه ٿيو,ڇتا ڪتا بي قابو بڻيل آهن ان سلسلي ۾ مدئجي ويجهو ڳوٺ ڳاهيجا جي رهواسي 50 سالا پيرسن محمد رمضان ڳاهيجو کي ڇتي ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو,

جنهن کي وارثن بروقت کڻائي تعلقي اسپتال مديجي پهچايو جتي ڊاڪٽرن پاران ڇتي ڪتي کاڌل پيرسن جي فٽ تي پٽي ڪرڻ بعد ڪتي جي چڪ کان بچاء واري وئڪسين نه هجڻ جو چئي واپس ڪري ڇڏيو,

اهڙي صورتحال بعد متاثر ڳوٺاڻي ۽ وارث چيوته ڇتي ڪتي جي چڪڻ سبب علاج ۽ وئڪسين ڪرائڻ لاء آياسين,جتي اسپتال وارن فقط ملم پٽي ڪئي ۽ ڪتي جي چڪ واري سئي لاء چيوته سئي آهي ئي ڪونه ته ڇاڪنداسين,

هنن اختيارين کي اپيل ڪندي چيوته نوٽيس وٺي ڪتي جي چڪ واري وئڪسين ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ عدالت سڳوري ۾ وينداسين.