ٽنڊو ڄام ۾ سنڌ اسپورٽس بورڊ باسڪٽ بال ٽورنامينٽ جاري، ٻه ميچون کيڏيون ويون

news

ٽنڊوڄام : سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ فردوس اتحاد سوشل ويلفيئر پاران زرعي يونيورسٽي جي ميزباني هيٺ سنڌ اسپورٽس بورڊ باسڪٽ بال ٽورنامينٽ جاري آهي.

جنهن ۾ وڌيڪ ٻه ميچون کيڏيون ويون. پهرين ميچ ۾ عثمان ڪلب ڪراچي ۽ ڪيڊيٽ ڪاليج پيٽارو وچ ۾ کيڏيو ويو. جنهن ۾ عثمان ڪلب 42-48 باسڪٽ تان کٽي ورتو آهي.

عثمان ڪلب ڪراچي جي زين العابدين 12 ۽ سعيد 9 باسڪٽ اسڪور ڪيا. ٻي ميچ ايس ايس ٽي راشد آباد ۽ پيراڊائيز ڪلب ميرپورخاص وچ ۾ کيڏيو ويو. جنهن ۾ ايس ايس ٽي راشد آباد جي ٽيم 34-42 تان ڪاميابي ماڻي. ايس ايس ٽي راشد آباد جي شهير 14 ۽ زين 6 باسڪٽ اسڪور ڪيو.

جڏهن ته انهي موقعي تي ٽورنامينٽ آرگنائزر انوار حسين خانزادو، عمر دستي، عبدالتوحيد عرف ڇوٽو سميت ٻيا موجود هئا.