ٽنڊو ڄام ۾ نوجوان اتحاد ٽنڊو قيصر پاران آر او پلاٽن جي ملازمن کي پگهار نه ملڻ ۽ آر او پلانٽ خراب هجڻ ڪري احتجاجي مظاهرو

news

ٽنڊوڄام: آر او فلٽر پلانٽ ايسوسيئيشن تعلقه حيدرآباد ٻهراڙي ۽ نوجوان اتحاد ٽنڊوقيصر پاران ٽنڊوڄام پريس ڪلب آڏو  هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پبلڪ هيلٿ ۽ پاڪ اوسيز ڪمپني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

احتجاج جي اوڳواڻي ڪندڙن يار محمد نظاماڻي، اميد علي ساند، لياقت چانڊيو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته تعلقه حيدرآباد ٻهراڙي ۾ جر جو پاڻي کارو ۽ صحت لاء هاڃيڪار هجڻ سبب۔ سنڌ سرڪار پاران تعلقه حيدرآباد ٻهراڙي ۾  ٽوٽل 48 فلٽر پلانٽ ڏنا ويا هئا.

پر انتظامي بي ڌياني سبب هن وقت صرف 4 فلٽر پلانٽ عوام پنهنجي مدد پاڻ تحت هلائي رهي آهي، باقي فلٽر پلانٽ خراب پيل آهن۔ هنن چيو ته آر پلانٽ آپريٽر کي گذريل 8 مهينن کان پگهارون ناهن مليون،

پبلڪ هيلٿ کاتي وارن پاڪ اوسيز نالي ڪمپني کي فلٽر پلانٽن جا ٺيڪا ڏنا هئا جيڪو معاهدو به گذريل سال آڪٽوبر ۾ ختم ٿي ويو آھي ۽ هاڻي اسان ملازم ٻنهي ادارن جي  وچ ۾ ڦاٿل آهيون. 

هنن وزيراعلي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته آر او پلانٽ جي ملازمن پڪو ڪري پگهارون جاري ڪيون وڃن.

خراب پيل فلٽر پلانٽن کوليا وڃن ته جئين علائقي واسين کي پيئڻ جي صاف پاڻي ميسر ٿي سگهي ۽ موذي بيمارين کان بچائي سگهجي.