ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات کان پوءِ موسم ٿڌو ٿي ويو

news

ڪراچي:(اڱارو 04  فيبروري 2020ع)  ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات سبب موسم ٿڌو ٿي ويو. جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ بجلي  جي اکٻوٽ جاري رهي.

رپورٽ موجب ڪراچي جي مختلف علائقن ۾  برسات کان پوءِ موسم ٿڌو ٿي ويو ۽ ان سان گڏ ئي مختلف علائقن ۾ بجلي جي اکٻوٽ به جاري رهي. نارٿ ڪراچي، بفرزون، گلشن اقبال، نارٿ ناظم آباد، سائٽ ايريا، اورنگي ٽائون، قصبه، منگهو پير، ڊفينس، قيوم آباد، محمود آباد، منظور ڪالوني، قائدآباد، لانڍي، ڪورنگي، ملير، گلشن حديد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به برسات پئي جنهن سبب موسم وڌيڪ ٿڌو ٿي ويو.

ٻئي طرف ڇيپا ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي سپر هاءِ وي تي  غوثيه شنواري هوٽل جي ويجهو ڪرنٽ لڳڻ سبب 50 ساله شخص فوت ٿي ويو. برسات کان پوءِ ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي سان گڏ ڪي اليڪٽرڪ جو عملو به غائب ٿي ويو.

ترجمان ڪي اليڪٽرڪ پنهنجو روايتي بيان جاري ڪري ذميواري پوري ڪري ڇڏي. ترجمان ڪي اليڪٽرڪ شهرين کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته غير قانوني ذريعن کان بجلي حاصل هرگز نه ڪريو. ٽٽل تارن بجلي جي ٿنڀن ۽ پي ايم ٽي کان پري رهو.

برسات ۾ ٻارن جو خاص خيال رکو ۽ احتياط ڪريو. بجلي واري سامان کي اگهاڙي پيرن يا آلن هٿن سان هرگز هٿ نه هڻو. برسات ۽ بيٺل پاڻي ۾ پاڻي جي موٽر جهڙي بجلي جي سامان  جو غير محفوظ استعمال حادثن جو سبب بڻجي سگهي ٿو.