چين مان پاڪستانين جي واپسي جو سلسلو جاري، وڌيڪ ڇٽيهه مسافر ڪراچي پهچي ويا

news

ڪراچي: (اڱارو 04  فيبروري 2020ع) چين مان پاڪستاني شهرين جي ملڪ واپسي جو سلسلو جاري آهي جتان کان وڌيڪ 36 مسافر ڪراچي پهچي ويا آهن.

ذريعن موجب چين جي ٻئين ايئرلائين به پاڪستان جي لاءِ اڏامون شروع ڪري ڇڏيون آهن جنهن کان پوءِ ايئر چائنا جي اڏام سي اي 945 رات جو ساڍي 10 وڳي ڪراچي ايئرپورٽ پهتي. ذريعن ٻڌايو ته چائنا ايئر جي اڏام چين جي شهر بيجنگ کان ڪراچي پهتي جنهن ۾ ڪراچي جا 36 مسافر سوار هئا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايئرپورٽ تي مسافرن کي ڪوروانا وائرس بابت جانچ کان پوءِ کين گهرن ڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. ياد رهي ته 2 فيبروري تي چين مان معطل ٿيل هوائي آپريشن گذريل ڏينهن بحال ٿيو آهي. پاڪستان پاران چين لاءِ 29 جنوري تي عارضي طور تي هوائي آپريشن معطل ڪيو هو. 

هوائي آپريشن کي ڪورونا وائرس سبب معطل ڪيو ويو هو. چين جي سدرن چائنا جي اڏام ۾ 150 کان وڌيڪ مسافر اسلام آباد پهتا هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي چين جي لاءِ پنهنجي فلائٽ آپريشن 6 فيبروري تي بحال ڪندو.