پيءُ ڪرونا وائرس سبب اسپتال منتقل، گهر ۾ اڪيلو رهجي ويندڙ معذور ٻار بُک وگهي فوت

news

شنگهائي: چين ۾ ڪرونا وائرس جو شڪار پيءِ کي قرنطينه ۾ وٺي وڃڻ سبب گهر ۾ اڪيلو رهجي ويل معذور ٻار بک وگهي فوت ٿي ويو.

چيني حڪومت لاپرواهي جو مظاهرو ڪرڻ تي ٻن آفيسرن کي برطرف ڪري ڇڏيو. چين جي صوبي هوبئي ۾ 16 سالن جو معذور ٻار يان شينگ پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ سان گڏ رهندو هو.

يان شينگ جو پيءُ ان جي سار سنڀال ڪندڙ اڪيلو ماڻهو هو، جڏهن ته هڪ هفتو اڳ ان جي پيءُ ۽ ڀاءُ ۾ ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي، جنهن تي اختيارين ٻنهي کي زبردستي ڪرونا وائرس کان متاثر مريضن واري اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

گهر ۾ اڪيلو رهجي ويندڙ يان شينگ هڪ هفتي کانپوءِ موت جي منهن ۾ هلي ويو.

ميڊيڪل رپورٽ موجب معذور ٻار هفتي ۾ رڳو ٻه دفعا ڪجهه کائي سگهيو. 

ياد رهي ته چين ۾ خطرناڪ ڪرونا وائرس تيزيءَ سان ڦهلجي رهيو آهي، جنهن جي شروعات ووهان شهر کان ٿي ۽ هاڻ ڪيترن ئي شهرن ۾ پکڙجي رهيو آهي