انڊر نائينٽين ورلڊ ڪپ: پاڪستان ڀارت هٿان هارائي ويو

news

پوچس فسٽروم: آءِ سي سي انڊر 19 ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ ڀارت پاڪستان کي 10 وڪيٽن سان باآساني شڪست ڏئي فائنل ۾ جڳهه ٺاهي ورتي آهي.

پاڪستان ڀارت کي کٽڻ لاءِ 173 رنسن جو هدف ڏنو، جيڪو هن بغير ڪنهن نقصان جي پورو ڪري ورتو.

ڀارت جي طرفان يشا سوي جيسوال شاندار 105 ۽ ديو يانش سڪسينا 59 رنسن جي اننگز کيڏي. پاڪستاني بالر هڪ وڪيٽ به حاصل نه ڪري سگهيا.

ڏکڻ آفريقا جي شهر پوچس فسٽروم ۾ کيڏجندڙ ان اهم ايونٽ ۾ پاڪستان جي ڪپتان روحيل نذير ڀارت جي خلاف ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو هو.

پاڪستان پهرين کيڏندي 43.1 اوورز ۾ 172 رنسون ٺاهيون ۽ سڄي ٽيم آئوٽ ٿي وئي.

پاڪستان جي طرفان حيدر علي 56 ۽ ڪپتان روحيل نذير 62 رنسون ٺاهي ناميان رهيو.

روحيل نذير ٽاس کٽي بيٽنگ ڪرڻ جي فيصلي تي چيو آهي ته اسان جي ڪوشش هوندي ته اسڪور بورڊ تي وڏو اسڪور ڪري ميچ کٽيون، جڏهن ته هو ائين ڪرڻ ۾ ناڪام ويا ۽ گرين شرٽس جو سفر سيمي فائنل ۾ تمام ٿي ويو.