تعليم جي وزير سعيد غني طرفان نوان حڪم جاري

news

ڪراچي: تعليم جي صوبائي وزير سعيد غني ڪاليجن ۾ صبح جو اٺ وڳي اسيمبلي لازمي قرار ڏئي ڇڏي آهي.

تعليم جي صوبائي وزير سموري صوبي جي ڪاليجن لاءِ نوان حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن جنهن تحت ڪاليجز ۾ صبح جي اسيمبليءَ کي لازمي قرار ڏنو آهي.

تعليم جي وزير پنهنجن حڪمن ۾ چيو آهي ته صوبي جي سمورن ڪالجين جي شاگردن کي ڪلاسز جو پابند بڻايو وڃي ڪاليج جو سمورو اسٽاف وقت جي پابندي ڪري.

تعليم جي وزير جي حڪم بعد ڪاليج ايجوڪيشن جي سيڪريٽري نوٽيفيڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

واضح رهي ته سنڌ حڪومت تازو ئي سعيد غني جو قلمدان تبديل ڪيو آهي ۽ کيس سڌ سماءَ جي وزارت جي جاءِ تي تعليم جو قلمدان ڏنو ويو آهي.