جيڪب آباد پوليس جي ڪارروائي، آفيم ۽ هيروئن سميت جوابدار گرفتار، ڪيس داخل

news

جيڪب آباد: جيڪب آباد ۾ ايس ايچ او صدر جي ڪارروائي، 50 ڪلو آفيم ۽ 2 ڪلو هيروئن هٿ، هڪ جوابدار گرفتار، ڪيس داخل، هٿ ڪيل منشيات جي رقم 80 لک روپيا آهي، ايس ايچ او صدر اصغر تنيو، خبر موجب:

جيڪب آباد ۾ ايس ايچ او صدر غلام اصغر تنيو جي سربراهي ۾ سندس ٽيم غلام نبي ۽ ٻين سنڌ بلوچستان جي سرحدي پٽي سم شاخ ويجهو ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي خاران بلوچستان جي رهواسي امام بخش پٽ محمد حيات بروهي کي گرفتار ڪري 50 ڪلو آفيم ۽ 02 ڪلو هيروئن هٿ ڪري ورتي ۽ جوابدار کي صدر ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو. ڪارروائي بعد ايس ايچ او صدر غلام اصغر تنيو صحافين سان ٻڌايو ته ايس ايس پي بشير احمد بروهي جي سخت هدايتن تي منشيات جي وڪرو کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ پوليس سرگرم آهي پوليس کي ڳجهو اطلاع مليو ته هڪ شڪي شخص ٻن ٿيلهن سان سم شاخ ڀرسان ڪنهن جي انتظار ۾ ٻيٺل آهي ۽ انهي دوران فوري ڪارروائي ڪندي کيس گرفتار ڪيو ۽ ٿيلهن مان جهڙتي تي خبر پئي ته آفيم ۽ هيروئن آهي هٿ ڪيل 2 ڪلو هيروئن جي ماليت 20 لک روپيا آهي.

جڏهن ته آفيم جي رقم 60 لک روپيا آهي ۽ مجموعي قيمت 80 لک روپيا ٿئي ٿي جوابدار خلاف صدر ٿاڻي جي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن اهڙي ڪارروائي تي ايس ايس پي پاران ايس ايچ او صدر ۽ سندس ٽيم کي 10 هزار روپيا روڪ رقم انعام ۽ شاباس ڏنو ويو.