جيڪب آباد ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي حوالي سان ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون

news

جيڪب آباد: ڪشميرين سان اظهار يڪجھتي جي حوالي سان جيڪب آباد ۾ ضلعي انتظاميا، سول سوسائيٽي ۽ مختلف پارٽين پاران ڌارڌار ريليون ڪڍيون ويون ٽائون ھال کان ڊپٽيڪمشنر غضنفر علي قادري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ اي ڊي سي، مختيارڪار،ڊي ايس پي سٽي سميت شھرين وڏي انگ ۾ شرڪتڪئي ريلي ۾ شريڪ ماڻھن جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر ھئا جنهن تي ڪشميري عوام جي حق ۾ نعرا لکيل ھئا.

جڏهن ته جميعت علماء اسلام، سني تحريڪ، مزدور شھري اتحاد، سول سوسائٽي جي اڳواڻنڊاڪٽر اي جي انصاري، حاجي غلام نبي رند، جان اوڍاڻو سميت ٻين جي اڳواڻين ۾ ريليون مختلف علائقن کان ڪڍيون ويون جڏهن ته جلوس ۾ شريڪ شھرين پريس ڪلب آڏو پھچي ڪشميري عوام سان يڪجھتي طور گڏ ھئڻ جو اظھار ڪيو.

ان موقعي تي ڊپٽيڪمشنر خطاب ڪندي چيو ڀارتڪشميري عوام تي جبر ۽ ظلم ڪري رهيو آهي 6 مھينن کان انھن تي پابندي مڙهيل آهي ڪرفيو ھڻيڪشميرين جي آزادي کي روڪيو ويو آهي جيڪا سراسر دھشتگردي آهي ڪشميري عوام تي لڳل پابندين تي اقوام متحده کي نوٽيس وٺڻ گھرجي ڀارتي جبر ۽ ظلم مان ڪشميرين کي ڇوٽڪاروڏيارڻ گھرجي.

اڳواڻن چيو ته پاڪستاني عوام ۽ سرڪارڪشميرين سان ھر محاذ تي گڏ رھندو ۽ انھن جي آواز کي بلند ڪيو ويندو ٻئي پاسي بحريه ڪاليج، گرلز ڊگريڪاليج سميت مختلف جڳھن تي تقريبون ڪوٺائيڪشميري عوام سان يڪجھتيڪئي وئي.