جيڪب آباد لڳ ڀت ڪرڻ سبب پنج سالا نينگر دٻجي فوت

news

جيڪب آباد: جيڪب آباد لڳ ڀت ڪرڻ سبب 5 ورهين جو نينگر گهر جي ڀِتڪرڻ سبب دٻجي فوت. خبر موجب جيڪب آباد جي آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ آدم خان پنهور ۾ 5 ورهين جو نينگر سجاد حسين پٽ امير بخش گهر اندر راند کيڏي رهيو هو ته اوچتو ڀِت ڪري پئي،

جنهن جي نتيجي ۾ نينگر دٻجي فوت ٿي ويو. گهرڀاتين ۽ پاڙي وارن گڏجي معصوم نينگر جو لاش ملبي مان ڪڍيو.

جنهن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو واقعي کانپوءِ گهر ۾ ڪهرام برپا ٿي ويو ۽ نينگر جي امڙ بيهوش ٿي وئي.