مهمانن کي ڪورونا جو خوف: چيني جوڙي جي پنهنجي ئي شادي ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت

news

بيجنگ: (خميس 06 فيبروري 2020ع) چين ۾ پکڙجندڙ ڪورونا وائرس جي خوف سبب مهمانن چيني جوڙي جي شادي ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن تي گهوٽ ڪنوار مهمانن کي هال ۾ گهرائي پاڻ سڌو سنئون وڊيو جي ذريعي پنهنجي شادي ۾ شرڪت ڪئي.

برطانوي نشرياتي اداري موجب سنگاپور جي رهواسي چيني جوڙو شادي کان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي چين جو دورو ڪري واپس آيو، جنهن کانپوءِ گهوٽ ڪنوار مهمانن کي شادي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، مهمانن انهن جي چين جي دوري جي ڪري انهن ۾ ڪورونا وائرس جي خوف سبب تقريب ۾ شرڪت کان انڪار ڪيو.

مهمانن جي انڪار تي گهوٽ ڪنوار شادي جي تقريب ختم ڪرڻ بدران هڪ انوکو حل ڪڍيو ۽ سڌو سنئون وڊيو جي ذريعي پنهنجي شادي ۾ شرڪت ڪئي. شادي جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ سمورن مهمانن کي شادي هال ۾ گهرايو ويو.

گهوٽ ڪنوار مهمانن کان پري رهڻ جي لاءِ وڊيو ڪال تي آيا ۽ شادي حال ۾ پنهنجي حاضري وڊيو ڪال ذريعي يقيني بڻائي، جوڙي مهمانن کان وڊيو ڪال ذريعي مبارڪ وصول ڪئي. گهوٽ چيو ته جڏهن مهمانن ڪورونا وائرس جي خوف سبب تقريب ۾ شرڪت کان انڪار ڪيو ته اسان وڊيو لنڪ ذريعي تقريب جو بندوبست ڪيو.