حب ويجهو روڊ حادثي سبب ٻه ڄڻا فوت، ٻارنهن زخمي

news

حب: (جمعو 07 فيبروري 2020ع)  بلوچستان جي علائقي حب وندر جي ويجهو افسوسناڪ روڊ حادثي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا آهن.

خبر موجب رات دير سان بلوچستان جي علائقي حب وندر ويجهو افسوسناڪ روڊ حادثو پيش آيو. حادثي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا.

سمورا مسافر ڪراچي کان تربت وڃي رهيا هئا. حادثو ٽرڪ ۽ مسافر ڪوچ وچ ۾ ٽڪر سبب پيش آيو. شروعاتي طور تي لاشن ۽ زخمين کي وندر جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان کان سمورن ماڻهن کي سول اسپتال ڪراچي منتقل ڪيو ويو.

ريسڪيو ذريعن موجب حادثي ۾ فوت ٿي ويلن ۽ زخمين جو تعلق بلوچستان جي علائقي تربت سان آهي.