سيوهڻ ويجهو ڪار ۽ ڪوچ ۾ ٽڪر، سڪرنڊ واسي واپاري ٻه ڄڻا فوت

news

سيوھڻ:  سيوھڻ ويجھو لڪي شاھ صدر جي ڇٽا ھوٽل وٽ ڪار ۽ ڪوچ ۾ زوردار ٽڪر لڳڻ سبب  سڪرنڊ واسي واپاري 2 ڄڻا  چيڀاٽجي فوت ڪوچ ڊرائيور فرار

تفصيل موجب سيوھڻ ويجھو لڪي شاھ صدر جي  ڇٽا ھوٽل وٽ  سيوھڻ کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ ۽ سڪرنڊ کان سيوھڻ طرف ايندڙ ايلٽو ڪار وچ ۾ آمھون سامھون زوردار ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ سڪرنڊ واسي واپاري 2 ڄڻا چيڀاٽجي فوت ٿي ويا .

جنھن جي لاشن کي موٽروي پوليس ۽ مقامي ڳوٺاڻن جي مدد سان ڪار مان ٻاھر ڪڍيا  بعد ۾ فوتين جي لاشن کي  ايمبولينس ذريعي سيوھڻ جي سيد عبداللله شاھ انسيٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس اسپتال آندا ويا جتي سندن سڃاڻپ 50 ورھين جو عبدالشڪور ولد عبدالغفور مغل جڏھن ته ٻئي فوتي جي سڃاڻپ 48 ورھين جو فيضان خانزاده ٻنھي فوتين جو تعلق سڪرنڊ شھر سان ٻڌايو ويو.

جڏھن ته ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا لاش ڳوٺ پھچڻ تي سندن  گھر ڀاتين ۾ ڪھرام مچي ويو  ٻئي طرف ٿيٻاٺ پوليس موجب اسان جي معلومات موجب فوتي سڪرنڊ جا واپاري ٻڌايا ويا آھن جڏھن ته حادثي واري جاء تان ڪوچ کي تحويل ۾ ورتو آھي.

باقي ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو آھي شروعاتي رپورٽ داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.