مزدوري نه ملڻ تي مزدور عمارت تي احتجاجي چاڪنگ ڪري ڇڏي

news

لنڊن: (سومر 10 فيبروري 2020ع) هڪ رنگ ڪندڙ کي هڪ گهر تي رنگ ڪرڻ جي طئي ٿيل مزدوري نه ملي ته هن انوکي انداز ۾ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي ان گهر جي مرڪزي ڀت تي وڏي ڪاري رنگ سان پنهنجي رقم ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

گذريل مهيني جڏهن برطانوي شهر بولسوور جا ماڻهو نارٿ اسٽار ڪلب بلڊنگ جي ٻاهران گذريا ته هنن کي هڪ بالڪل نئين رنگ واري عمارت جي آف وائٽ رنگ تي ڪاري رنگ سان وڏن اکرن ۾ احتجاج رڪارڊ ٿيل هو. انگريزي ۾ لکيل ان جملن جي معنيٰ آهي ته پنهنجو گهر رنگ ڪرائڻ چاهيو ٿا ته ٽيري جيان نه ٿيو، بل ادا ڪريو ۽ اوهان کي بل ادا ڪرڻو ئي پوندو.؟

هڪ مقامي رنگ ڪندڙ ڊين ريوز جو چوڻ آهي ته مون کي هڪ بلڊنگ ۾ رنگ ڪرڻ جو ٺيڪو ڏنو ويو جنهن کي فليٽ ۾ تبديل ڪيو ويو هو. ان جي مزدوري 645 ڊالر طئي ٿي ۽ جڏهن ڊين ڪم ختم ڪيو ته عمارت جي مالڪ اها رقم ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ان کان گهٽ مزدوري ڏيڻ جي آڇ ڪئي جنهن تي مزدور کيس سبق سيکارڻ جو فيصلو ڪيو.

ڊين موجب گهر جي مالڪ مون کي ڪم جي بدلي معاوضو ڏيڻ جو واعدو ڪيو پر طئي ٿيل ڪم کان علاوه وڌيڪ ڪم وڌايو ويو جنهن جي مزدوري نه ڏني وئي، ايستائين جو ماني کائڻ جو به ٽائيم نه ملي سگهيو. پوري هفتي جي مزدوري کان پوءِ عمارت جي مالڪ چيو ته سموري رقم ادا ڪندس پر ان کان پوءِ هن رقم نه ڏني ۽ چيو ويو ته جيڪڏهن مان ٻيهر رنگ ڪندس ته پوءِ پئسا ڏيندس. ان کان پوءِ هن رنگ ڪندڙ مزدور بدلو وٺڻ جو ارادو ڪيو ۽ عمارت جي سامهون واري ڀت تي ڪاري رنگ سان چاڪنگ ڪري ڇڏي. پر گهر جي مالڪ رنگ ڪندڙ جي دعويٰ کي رد ڪندي ان جي خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪيو آهي.