اوگرا ايل اين جي قيمتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو

news

اسلام آباد: آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارتي (اوگرا) فيبروري لاءِ ايل اين جي قيمتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.

نوٽيفيڪيشن موجب سوئي نادرن سسٽم تي ايل اين جي جي قيمت ۾ 0.71 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو اضافو ڪيو ويو آهي جڏهن ته سوئي سدرن سسٽم تي ايل اين جي جي قيمت ۾ 0.73 ڊالر ايم ايم بي ٽي يو اضافو ڪيو ويو.

نوٽيفيڪيشن موجب فيبروري لاءِ ايل اين جي جي نيئن قيمت 11.19 ڊالر ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي.